APP04-05 ISLAMABAD: July 05 – Federal Minister for IBNH&LH Syed Ali Zafar addressing during international conference on Pakistan’s Pluralistic Cultural Values of Peace, Tolerance and Love organized by Society of Asian Civilizations Pakistan. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ دنيا کي عدم برداشت ۽ ناانصافين جي خلاف ۽ هم آهنگي ۽ امن جي قدرن جي فروغ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. هو مقامي هوٽل ۾ ايشيائي تهذيب ۽ تمدن پاڪستان بابت سوسائٽي جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي گهڻ رخي ثقافتي امن، برداشت ۽ محبت جا قدر جي موضوع تي منعقد عالمي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڪنهن به قسم جو عدم برداشت انسانيت سان ناانصافي آهي.