APP45-03 ISLAMABAD: July 03 - President Mamnoon Hussain in a meeting with delegation from North Waziristan Agency led by Muhammad Nazir Khan at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت قبائلي علائقن جي معدنيات ڪڍڻ جي لاءِ هر ممڪن ذريعا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن قبائلي علائقن جي عوام جي زندگي جي معيار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري محمد نذير خان جي سربراهي ۾ قبائلي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.