اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ نجڪاري جي عمل ۾ لاڳاپيل ادارن جي ملازمن جي جائز حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجڪاري جي تجربي مان سکڻ ۽ مستقبل ۾ ان حوالي سان بهتري جي لاءِ نجڪاري جي سموري عمل جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. هو وزيراعظم آفيس ۾ نجڪاري ڪميشن بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.