اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر سان تيونس جي سفير عديل العرابي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ساڻس ڳالهائيندي وفاقي وزير سيد علي ظفر چيو ته پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ آرٽ، ڪلچر ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپن کي هٿي ملندي.