APP09-22 ISLAMABAD: June 22 – Caretaker Prime Minister, Justice (Retd) Nasir-Ul-Mulk chairs meeting of the Caretaker Federal Cabinet at PM Office. APP

اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. ڪابينا بيت المال جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر بئريسٽر عابد وحيد شيخ جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي ۽ پاڪستان بيت المال جي اضافي چارج ڪابينا ڊويزن جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.