APP01-09 QINGDAO: June 09 - President Mamnoon Hussain in a meeting with Iranian President Dr. Hassan Rouhani on the sidelines of SCO Summit. APP

چنگ ڊائو – 09 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ ايران ٻنهي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب صدر ممنون حسين ايراني صدر ڊاڪٽر حسن روحاني سان هتي چنگ ڊائو ۾ ملاقات ڪئي. ٻئي اڳواڻ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي سربراهن جي 18 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي دوري تي آهن.