اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي سفير ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي کي پاڪستان ۾ سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ روح، ٻه جسم آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ڀائيچاري، محبت …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي سفير ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊاڪٽر راجح بن طامي البقمي کي پاڪستان ۾ سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪ روح، ٻه جسم آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ڀائيچاري، محبت ۽ اعتماد جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، سعودي عرب جي سلامتي پاڪستان جي سلامتي آهي، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان مضبوطي سان بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب تي حوثي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کي رد ڪري ٿو ۽ سعودي عرب جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته مڪه معاهدو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي طرف اهم اڳڀرائي آهي. مڪه معاهدو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي سعودي سفير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي نيڪ خواهشن وارن لفظن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي علامت آهن. مڪه معاهدو خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. پاڪستان جو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.











