ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي خاطري تي صحافين پريس گيلري جو واڪ آئوٽ ختم ڪيو

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي خاطري تي صحافين پريس گيلري مان پنهنجو واڪ آئوٽ ختم ڪيو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي پريس گيلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي هدايت ڪئي ته هو صحافين وٽ پريس گيلري ۾ ۾ وڃي ملاقات ڪري. ايوان ۾ واپس اچي …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي خاطري تي صحافين پريس گيلري مان پنهنجو واڪ آئوٽ ختم ڪيو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي پريس گيلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي هدايت ڪئي ته هو صحافين وٽ پريس گيلري ۾ ۾ وڃي ملاقات ڪري. ايوان ۾ واپس اچي مملڪتي وزير چيو ته توهان جي هدايتن تي مون صحافين سان ڳالهايو آهي. هن چيو ته صحافين کي پگهارن جو مسئلو آهي، مون انهن کان انهن جي ادارن جي فهرست گهري آهي ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ سان به ڳالهايو آهي. هن چيو ته صحافين جي ڪيترن ئي ادارن مان برطرفي جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وفاقي وزير عطا الله تارڙ ٻڌايو آهي ته ان تي باقاعدگي سان لاڳاپيل فورم تي ڳالهه ٿي رهي آهي. هن يقين ڏياريو آهي ته ان مسئلي کي حل ڪڍيو ويندو، صحافين انهن مسئلن تي ٻنهي ايوانن جي گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جو به مطالبو ڪيو آهي، اسان انهن کي يقين ڏياريو آهي ته انهن جي مطالبي تي به غور ڪيو ويندو. صحافين رپورٽرن جي تحفظ لاءِ انهن جي چئلنز جي لائسنسنگ سان ڳنڍڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. مون انهن کي يقين ڏياريو آهي ته ان معاملي تي به غور ڪيو ويندو. ايوان ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي خاطري تي صحافين پريس گيلري جو واڪ آئوٽ ختم ڪري ڇڏيو.