قومي اسيمبلي، اسلام آباد بزرگ شهري (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي، گادي واري هنڌ اسلام آباد بزرگ شهري (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ شازيه مري بل کي فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري بل جي حمايت ڪئي. قومي اسيمبلي مان بل غور هيٺ آڻڻ جي رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه بل جي …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي، گادي واري هنڌ اسلام آباد بزرگ شهري (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ شازيه مري بل کي فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري بل جي حمايت ڪئي. قومي اسيمبلي مان بل غور هيٺ آڻڻ جي رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه بل جي شق وار منظوري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ شرميلا فاروقي رٿ پيش ڪئي ته گادي واري شهر اسلام آباد بزرگ شهري ( ترميمي) بل 2025ع منظور ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي، بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.