اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪشمير مسئلو علائقائي نه پر عالمي مسئلو آهي، پاڪستان 1947ع کان وٺي عالمي برادري آڏو ڪشميري عوام جو ڪيس پيش ڪري رهيو آهي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين انهن جي حمايت جاري رکندو. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي سڄي پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو …
ڪشمير مسئلو عالمي مسئلو آهي، ڪشمير جي آزادي تائين انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين:طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪشمير مسئلو علائقائي نه پر عالمي مسئلو آهي، پاڪستان 1947ع کان وٺي عالمي برادري آڏو ڪشميري عوام جو ڪيس پيش ڪري رهيو آهي ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي تائين انهن جي حمايت جاري رکندو. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي سڄي پاڪستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي صبح 10 وڳي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجون فوجون لاٿيون ۽ علائقي تي زبردستي قبضو ڪيو، جنهن خلاف ڪشميري عوام اڄ تائين جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان هر سال هن ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندو آهي ته جيئن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڀارتي ظلمن کان عالمي برادري کي مسلسل آگاهه ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ڪشميري عوام جو آواز عالمي فورمن تائين پهچائيندو رهندو ۽ انهن جي خود اراديت جي حق جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي صرف علائقائي تڪرار قرار ڏيڻ صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته هن مسئلي جا علائقائي ۽ عالمي امن تي گهرا اثر آهن. پاڪستان کي هن مسئلي جي ڪري جنگين جو به منهن ڏسڻو پيو آهي، تنهن هوندي به هو ڪشميري عوام جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجون سفارتي ۽ سياسي ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي مطابق ڪشمير مسئلي جي حل ۽ ڪشميري عوام کي انهن جو حق خود اراديت ملڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو.












