اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نيا پاڪستان هائوسنگ تحت شروع ڪيل منصوبا بند نه ٿيا آهن ۽ نه ئي حڪومت جو انهن کي بند ڪرڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ آهي. انهن منصوبن تي خرچ ٿيل رقم ضايع ناهي ٿي پر لاڳاپيل ادارن جي حوالي ڪيل منصوبن تي ڪم جاري آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن …
نيا پاڪستان هائوسنگ تحت شروع ڪيل منصوبا بند ناهن ٿيا ۽ نه ئي حڪومت جو انهن کي بند ڪرڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نيا پاڪستان هائوسنگ تحت شروع ڪيل منصوبا بند نه ٿيا آهن ۽ نه ئي حڪومت جو انهن کي بند ڪرڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ آهي. انهن منصوبن تي خرچ ٿيل رقم ضايع ناهي ٿي پر لاڳاپيل ادارن جي حوالي ڪيل منصوبن تي ڪم جاري آهي، ڪجهه منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٻيا مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر جان محمد جي سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت ملڪ ۾ 6 منصوبا شروع ڪيا ويا، جن ۾ اسلام آباد کانسواءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ منصوبا شامل آهن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ لاڳاپيل منصوبن تي هاڻي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جي سرگوڌا، چنيوٽ ۽ رائيونڊ سميت مختلف علائقن ۾ منصوبا پنجاب حڪومت حوالي ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو اهم منصوبو ملور هائيٽس مڪمل ٿي ويو آهي. حڪومت پاران لاڳاپيل منصوبن جي حوالي سان ڏنل جواب ۾ مختص ڪيل رقم، تجويز ڪيل گهرن ۽ فليٽن جو انگ ۽ منصوبن تي ٿيل اڳڀرائي جا تفصيل پڻ شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت انهن منصوبن کي ختم نه ڪري رهي آهي ۽ نه ئي انهن جي نالي تي ڪو مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته هي نيا پاڪستان ۽ عوام جا منصوبا آهن. انهن جو مقصد عوام کي رهائش جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، ان ڪري جتي به منصوبا جاري آهن، انهن کي لاڳاپيل ادارن ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ترجيح عوام کي رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد لاءِ شروع ڪيل منصوبن کي سياسي بنيادن تي بند ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ بعد مستحق ماڻهن کي رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.












