ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، اُن ڏينھن ڀارت ناپاڪ ارادن سان ڪشمير ۾ داخل ٿيو ۽ ڪشميري عوام جي حقن کي لتاڙيو، اڄ به ڪشميري عوام پنهنجن بنيادي حقن لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن جون قربانيون عالمي …
سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهن، سنڌ جي سمورن علائقن ۾ تقريبون ان عزم جو اظهار آهن ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ آهي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير ۽ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، اُن ڏينھن ڀارت ناپاڪ ارادن سان ڪشمير ۾ داخل ٿيو ۽ ڪشميري عوام جي حقن کي لتاڙيو، اڄ به ڪشميري عوام پنهنجن بنيادي حقن لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن، انهن جون قربانيون عالمي ضمير کان انصاف جو مطالبو ڪري رھيون آھن.27 آڪٽوبر ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهن، سنڌ جي سمورن علائقن ۾ تقريبون ان عزم جو اظهار آهن ته ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومون ۽ عالمي برادري پنهنجين ٺھرائن تي عمل ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن.












