سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

لاڙڪاڻو-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا، مختلف سياسي سماجي تنظيمن، شهرين ۽ مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن پاران وڏي تعداد ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميا …

لاڙڪاڻو-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به 27 آڪٽوبر ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميا، مختلف سياسي سماجي تنظيمن، شهرين ۽ مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن پاران وڏي تعداد ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميا ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مسرور احمد بجاراڻي جي سربراهي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“، ”پاڪستان زنده باد“، ”پاڪ فوج زنده باد“ جا نعرا هنيا ۽ ڀارت پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعريبازي ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا پڻ ڦڙڪايا ويا. ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پاران ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو ويو، جنهن جي اسان اڄ تائين مذمت ڪندا اچون ٿا ۽ هن ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا اچون ٿا. هنن چيو ته اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان جو اڻٽُٽ حصو آهي جيڪو انشاءَ الله جلد حاصل ڪري وٺنداسين. اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ڪشمور جي عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي. ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ زرار احمد خاصخيلي، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر، شهرين، پوليس، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن، ضلعي اين جي اوز جي اڳواڻن ۽ صوبائي توڙي وفاقي مختلف کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.