اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي فروغ جي لاءِ قائم چين جي قيادت ۾ ڪندڙ عالمي تنظيم جو باني ميمبر بڻجي ويو آهي، پاڪستان تنظيم جي تاسيسي دستاويز تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ان ۾ اٽڪل 50 ميمبر شامل ٿي چڪا آهن. اڱاري ڏينهن سينيٽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ بابت پروگرام جي فنڊز جي منصفاڻي ۽ هڪ جهڙي ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي فروغ جي لاءِ قائم چين جي قيادت ۾ ڪندڙ عالمي تنظيم جو باني ميمبر بڻجي ويو آهي، پاڪستان تنظيم جي تاسيسي دستاويز تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ان ۾ اٽڪل 50 ميمبر شامل ٿي چڪا آهن. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مصنوعي ذهانت تعاون بابت عالمي تنظيم جي هيڊ آفيس شنگهائي ۾ قائم ٿيندي جڏهن ته ان جي ڪائونسل جو پهريون اجلاس ڊسمبر جي وچ ڌاري متوقع آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي مختلف اهم ادارن ۽ تنظيمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ نئين عالمي تنظيمن ۾ شموليت جي ذريعي ترقي جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جو پڻ باني ميمبر آهي، جڏهن هو ناڻي وارو وزير هو ته هن صدر شي جن پنگ جي موجودگي ۾ ان بئنڪ جي تاسيسي دستاويز تي صحيحون ڪيون هيون، ان وقت اٽڪل 25 ملڪ ان جا باني ميمبر هئا جڏهن ته هاڻي ان جي ميمبرن جو انگ اٽڪل 100 ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه، ثالثي ۽ سفارتي ذريعن کي اهميت ڏي ٿو ۽ مختلف عالمي قدمن ۾ شرڪت جي ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ عالمي تعاون جي انهن قدمن ۾ ملڪ جي موثر نمائندگي يقيني بڻائي وڃي.












