باڪو- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي، ٿنڪ ٽينڪس، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن، پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن، آذربائيجان جي دانشورن، شاگردن ۽ پاڪستان جي دوستن شرڪت ڪئي. اڱاري ڏينهن باڪو سفارتخاني ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڪاري ڏينهن جي حوالي سان …
باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڪاري ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد، تصويري نمائش ڪئي وئي
باڪو- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان حوالي سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي، ٿنڪ ٽينڪس، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن، پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن، آذربائيجان جي دانشورن، شاگردن ۽ پاڪستان جي دوستن شرڪت ڪئي. اڱاري ڏينهن باڪو سفارتخاني ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي طور ڪاري ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پنهنجي خطاب ۾ باڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ناظم الامور ساره اعجاز ڪشميري عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ ان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
هن ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 – اي کي رد ڪرڻ کانپوءِ جي صورتحال کي اجاگر ڪيو. هن گرفتارين، عدالت کان مٿانهون قتل، ميڊيا ۽ مواصلاتي ذريعن تي پابندين ۽ علائقي جي آبادياتي تناسب ۾ تبديلي جي ڪوشش طرف پڻ ڌيان ڇڪرايو. هن زور ڀريو ته ڄمون ۽ ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪرار آهي ۽ هڪطرفا قدم نه ته ان جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي جائز حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. اهو حق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب تسليم ٿيل آهي. هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان آذربائيجان جي اصولي ۽ مسلسل حمايت کي پڻ ساراهيو. سفارتخاني ۾ هڪ تصويري نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀارتي غاصباڻي قبضي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن، آذربائيجان جي علمي ۽ فڪري ڌرين جي نمائندن، شاگردن ۽ پاڪستان جي آذربائيجاني دوستن شرڪت ڪئي ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.












