اسلام آباد/ جهلم - 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي، صنعتي استحڪام، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي جنهن تحت سميڊا بورڊ کي نئين سر جوڙجڪ ڏئي فعال بڻايو ويندو. حڪومت جو بنيادي ڪردار نجي شعبي جي …
حڪومت معاشي ترقي ۽ ايس ايم ايز کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم، جهلم کي خطي جو معاشي ۽ ڪاروباري حب بڻايو ويندو: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد/ جهلم – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي، صنعتي استحڪام، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي جنهن تحت سميڊا بورڊ کي نئين سر جوڙجڪ ڏئي فعال بڻايو ويندو. حڪومت جو بنيادي ڪردار نجي شعبي جي سرپرستي ۽ ان ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ان ويزن تحت جهلم جي شاندار پوٽينشل، خواندگي واري بلند شرح ۽ پرامن ماحول کي ڪتب آڻي خطي کي ڪامياب معاشي ۽ ڪاروباري حب بڻايو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن جهلم چيمبرآف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير نئين قيادت کي مبارڪون ڏيندي ڪاروباري شعبي ۾ عورتن جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سميڊا ذريعي ننڍي ڪاروبارن کي فزيبلٽي جي تياري، فيڪٽرين جي قيام لاءِ فنانسنگ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي مڪمل مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. مملڪتي جهلم چيمبرز تي زور ڀريو ته هو سيالڪوٽ جي واپارين پاران گڏيل اتحاد، ٺوس تياري ۽ فيڪٽس جي بنياد تي انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ نون منصوبن جو ورڪنگ پيپر تيار ڪن. هن اعلان ڪيو ته واپاري برادري هڪ مهيني اندر عمل جوڳي فزيبلٽي آڻي ته هو نه رڳو ان جي پاڻ نگراني ڪندو پر اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر، واپار واري وزارت ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ جهلم جي مفادن جو وڪيل بڻجي ڪيس وڙهندو.











