رياض _ 27 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي قازقستان جي صدر قاسم جومارت تو ڪايف جو لکت ۾ خط ملي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو خط سعودي عرب ۽ قازقستان وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي حوالي سان آهي. سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي سان سومر ڏينهن قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي ۽ صدر جو خط …
سعودي عرب جي ولي عهد کي قازقستان جي صدر جو لکت ۾ خط ملي ويو
رياض _ 27 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي قازقستان جي صدر قاسم جومارت تو ڪايف جو لکت ۾ خط ملي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهو خط سعودي عرب ۽ قازقستان وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي حوالي سان آهي. سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي سان سومر ڏينهن قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي ۽ صدر جو خط سندس حوالي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو وٺڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مملڪت ۾ قازقستان جو سفير به موجود هو.









