اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جي جرئت، حوصلي ۽ وقار، امن ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي پُراڻين خواهشن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي …
پاڪستان پاران ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جي جرئت، حوصلي ۽ وقار، امن ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي پُراڻين خواهشن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي پختي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مُوجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.










