ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل جي لاءِ بامعنى ۽ مسلسل عالمي ڪوششون لازمي آهن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ڪشمير بليڪ ڊي جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل جي لاءِ بامعنى ۽ مسلسل عالمي ڪوششون لازمي آهن. هن اها ڳالهه ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 27 آڪٽوبر …

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل جي لاءِ بامعنى ۽ مسلسل عالمي ڪوششون لازمي آهن. هن اها ڳالهه ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. نائب وزيراعظم 27 آڪٽوبر 1947ع جي واقعن کي گهري ڏک سان ياد ڪندي چيو ته ان ڏينهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو هڪ ڊگهو ۽ افسوسناڪ باب شروع ٿيو، اٽڪل 8 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام هڪ حل طلب تڪرار جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي ۽ انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ تسليم ٿيل خودمختياري جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بنيادي آزادين تي پابندين، انساني حقن جي مسئلن ۽ شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي جڏهن ته اها پنهنجي عزم، حوصلي ۽ استقامت تي قائم آهي. ڪشميرين جون نسل در نسل قربانيون انصاف، امن ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي انهن جي مسلسل خواهش جي عڪاسي ڪن ٿيون. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون آهن جن ۾ عوام جي خواهشن موجب پُرامن حل جو تصور پيش ڪيو ويو آهي. پاڪستان مسلسل ان موقف تي قائم آهي ته اهي قراردادون تڪرار جي حل لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿيون. هن ان پراڻي تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل ۾ عالمي برادري جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڀريو. اسحاق ڊار چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي قدمن کانپوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال تي عالمي ڌيان ۾ اضافو ٿيو آهي، ان کانپوءِ ڪيترائي انتظامي قدم، بنيادي آزادين تي پابنديون، آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ۽ ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مسلسل حراست والاريل علائقي جي عوام ۾ عدم تحفظ کي وڌيڪ گهرو ڪيو آهي، انهن قدمن عالمي قانون ۽ لاڳاپيل عالمي انساني ۽ انساني حقن جي معيارن تحت پڻ سنگين سوالن کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين سان سلوڪ ۽ مجموعي انساني حقن جي صورتحال بابت خدشن کي دستاويزي شڪل ڏني آهي، اهي خدشا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته ان معاملي تي مسلسل عالمي ڌيان ۽ عملي رابطو ضروري آهي. نائب وزيراعظم چيو ته انهن مشڪلاتن جي باوجود والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پنهنجي عزم تان پٺتي ناهي هٽي، بنيادي حقن جي لاءِ انهن جي مسلسل جدوجهد ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿي ته ڪنهن به قوم جي خواهشن کي طاقت يا ڏاڍ جي ذريعي دٻائي نه ٿو سگهجي. ڪشميري عوام جون قربانيون ۽ وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد عالمي برادري جي سنجيده ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته ان اهم ڏينهن تي پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مشڪلاتن جي ازالي ۽ انهن جي بنيادي حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو جائز ڪردار ادا ڪري، ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ بامعنى ۽ مسلسل عالمي ڪوششون لازمي آهن. نائب وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت مضبوط انداز ۾ جاري رکندو ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ هر مناسب عالمي فورم تي انهن جي حقن جي وڪالت ڪندو رهندو.

مزید خبریں