اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتن کي سدائين انتهائي احترام سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته آئون سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل ڏي.









