وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي سڀني علائقن ۾ متوازن ترقي، زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ عوام لاءِ روزگار جا ذريعا بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، احسن اقبال

اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي سڀني علائقن ۾ متوازن ترقي، زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ عوام جي ڪمائي جا ذريعا بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾، سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) 40.915 ارب رپين جي ماليت جي 10 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي …

اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي سڀني علائقن ۾ متوازن ترقي، زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ عوام جي ڪمائي جا ذريعا بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾، سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) 40.915 ارب رپين جي ماليت جي 10 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته 172.25 ارب رپين جا 3 وڏا منصوبا حتمي منظوري لاءِ ايڪنڪ ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪئي آهي. سومر ڏينهن وفاقي وزير ۽ پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 40.915 ارب رپين جي ماليت جي 10 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته 172.25 ارب رپين جي ماليت جا ٽي وڏا منصوبا حتمي منظوري لاءِ  قومي اقتصادي ڪائونسل (ايڪنڪ) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪئي وئي. اجلاس ۾ قومي معيشت جي اهم شعبن کي مضبوط ڪرڻ ۽ حڪومت جي اصلاحي ايجنڊا کي تيز ڪرڻ لاءِ 13 ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. منظور ٿيل ۽ تجويز ڪيل منصوبن جو تعلق تعليم ۽ تربيت، اعليٰ تعليم، ميڊيا، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات، ۽ پاڻي وسيلن سميت اهم شعبن سان آهي. اهي قدم حڪومت جي قومي ترقياتي ويزن اڏام پاڪستان تحت انساني وسيلن جي ترقي، اداراجاتي جديديت، بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ پائيدار  جامع ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهن. پاڻي وسيلن جي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ پاڻي جي تحفظ کي بهتر بڻائڻ لاءِ 2 وڏا منصوبا ايڪنڪ ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪئي وئي. خيبر پختونخواهه ۾ آبپاشي ۽ زرعي معيشت جي ترقي جي منصوبي جي قيمت 69 ارب 89 ڪروڙ 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هن منصوبي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ 56 ارب 13 ڪروڙ 25 لک روپيا جڏهن ته خيبر پختونخواهه حڪومت 11 ارب 69 ڪروڙ 19 لک رپيا فراهم ڪندي. تعليم ۽ تربيت جي شعبي ۾، سي ڊي ڊبليو پي معياري تعليم تائين رسائي وڌائڻ لاءِ ٽن اهم قدمن جو جائزو ورتو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي منصوبي کي اصولي منظوري ڏني وئي، جنهن جي لاڳت 122.400 ملين رپيا آهي. اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ نوجوانن جي قابليت، راندين ۽ جديد صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چئن منصوبن تي اڳڀرائي ڪئي وئي. وزيراعظم يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز جي منصوبي کي اصولي منظوري ڏني وئي، جنهن جي لاڳت 4 ارب 14ڪروڙ 48 لک 54 هزار رپيا آهي. وزيراعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ جي پهرين مرحلي جي به منظوري ڏني وئي جنهن جي لاڳت 3 ارب 98 ڪروڙ 80 لک 56 هزار روپيا آهي. ميڊيا جي شعبي ۾، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي سي) جي ٻيهر جوڙجڪ جي منصوبي کي اصولي منظوري ڏني وئي. منصوبي تي 3 ارب 96 ڪروڙ 22 لک 50 هزار روپيا لاڳت جو ڪاٿو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سي ڊي ڊبليو پي ٻن اهم منصوبن جو جائزو ورتو. جھمپير-1 جي 220 kV گرڊ اسٽيشن تي پائلٽ بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم لڳائڻ جي منصوبي کي اصولي منظوري ڏني وئي جنهن جي لاڳت 4 ارب 39 ڪروڙ 47 لک 20 هزار رپيا آهي. هن  نظام مان بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي مستحڪم ڪرڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي کي گرڊ ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

مزید خبریں