ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي: سينيٽ چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني جو ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام جي تاريخ جو هڪ ڪارو ۽ المناڪ ڏينهن آهي، جڏهن ڀارتي فوجون ڄمون ۽ ڪشمير ۾ داخل ٿي ڪشميري عوام جي خواهشن کي نظرانداز ڪيو. هي ڏينهن اسان کي ڪشميري عوام جي ڊگهي جدوجهد، بي مثال قربانين ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سندن پختي عزم جي ياد ڏياري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم حصو ۽ خطي ۾ امن جي قيام سان ڳنڍيل هڪ بنيادي مسئلو آهي. ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو آزاد طور تي ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته طاقت جي استعمال، پابندين ۽ انساني حقن بابت خدشن باوجود ڪشميري عوام جي جدوجهد جاري آهي جيڪا انهن جي عزم ۽ ثابت قدمي جي عڪاسي آهي. هن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن قربانيون ڪشميري عوام جي تاريخ ۾ نه وسرندڙ باب آهن. پاڪستان جي پارليامينٽ، سياسي قيادت ۽ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خود اراديت واري حق جي حمايت جاري رکندا. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندو. سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري ۽ عالمي ادارن تي زور ڀريو ته اهي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن ۽ مسئلي جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ عملي قدم کڻن.

مزید خبریں