بدين- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ڪارو ڏينهن ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاھد جي اڳواڻي ۾ جيم خانا بدين کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي کان اڳ جيم خانا بدين ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 27 آڪٽومبر 1947ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير …
بدين ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاھد جي اڳواڻي ۾ ريلي

مزید خبریں
بدين- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) بدين ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ڪارو ڏينهن ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاھد جي اڳواڻي ۾ جيم خانا بدين کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي کان اڳ جيم خانا بدين ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 27 آڪٽومبر 1947ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت غير قانوني طور تي پنهنجي فوج ولاريل ڪشمير ۾ داخل ڪري رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو تسلط قائم ڪري ورتو اڄوڪي ڏينهن هر سال ڪشميري ۽ پاڪستاني ڀارت جي اهڙي غير قانوني قدم کي ڪاري ڏينهن طور ملهائن ٿا پاڪستاني قوم ڪشميري عوام جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ ان کي يقين ٿا ڏياريون ته انهن جي حق خودمختياري جي لاءِ سياسي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي اسان جون دعائون ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهن تقريب ۾ ٻارن ۽ نوجوانن جي پارليامينٽ سي اينڊ اي پي ۾ مخلاف ڌُر اڳواڻ زينب سمون ۽ ٻين اسڪول جي شاگردياڻين پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجھتي لاءِ تقريرون ملي نغمه ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ڪشميرين سان اظهار يڪجھتي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي وئي تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل فدا حسين منڌرو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم عباس خواجه، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، چيف آفيسر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اشوڪ ڪمار، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر دودو چانڊيو، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري رائو شاهد راجپوت، ڊپٽي ڊي اِي او پرائمري محرم پنهور، ڊي آئي بي انچارج محمد خان سومرو، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ بدين اي طاهر لاشاري، سول سرجن ڊاڪٽر امتياز ميمڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر عبدالفتاح جوڻيجو، تعليم کاتي جو فوڪل پرسن محمد خان سمون، ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽ انچارج مير محمد کوسو، پروگرام مينيجر ايل ايڇ ڊي پي ساوڻ خاصخيلي سميت تعليم، صحت، پوليس، روينيو، ضلعي جي سرڪاري غيرسرڪاري تنظمين، اين جي اوز، ميڊيا، اقليتن ۽ سول سوسائٽي جي هر طبقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










