طرابلس- 27 آڪٽوبر(اي پي پي) لبيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير محمد الشوبي چيو آهي ته شهري هوابازي بابت عالمي تنظيمن (آئي سي اي او) لبيا جي فضائي حدن بابت فضائي تحفظ جي وارننگ ختم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ٽرانسپورٽ واري وزير جاري بيان ۾ چيو آهي ته اهو فيصلو حڪومت طرفان فضائي شعبي جي ترقي، تحفظ ۽ سلامتي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن سالن کان …
لبيا جي فضائي حدن بابت عالمي فضائي وارننگ ختم

مزید خبریں
طرابلس- 27 آڪٽوبر(اي پي پي) لبيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير محمد الشوبي چيو آهي ته شهري هوابازي بابت عالمي تنظيمن (آئي سي اي او) لبيا جي فضائي حدن بابت فضائي تحفظ جي وارننگ ختم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ٽرانسپورٽ واري وزير جاري بيان ۾ چيو آهي ته اهو فيصلو حڪومت طرفان فضائي شعبي جي ترقي، تحفظ ۽ سلامتي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن سالن کان جاري ڪوششن جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي. هن ان کي ملڪ جي اهم ڪاميابي قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت عالمي فضائي ڪمپنين ڪولمبيا لاءِ سڌيءَ ريت اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ اشتهاري پروگرام شروع ڪندي. ان کان علاوه يورپ ۽ آفريقا وچ ۾ فضائي رابطي جي رستي طور لبيا جي فضائي حدن جي استعمال کي به هٿي ڏني ويندي. رپورٽ مطابق آءِ سي اي او سال 2013ع ۽ سال 2015ع ۾ لبيا جي فضائي حدن ۾ تحفظ بابت خدشن کي نظر ۾ رکندي وارننگ جاري ڪئي هئي. اهي خدشا سال 2011ع جي هٿيار بند تڪرار بعد ملڪ ۾ پيدا ٿيل غير محفوظ صورتحال بابت هئا. ان کان علاوه، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي عرب رياستن لاءِ علائقائي ڊائريڪٽر لبيا جي اقتصادي ۽ واپار واري وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقتصادي سڌارن ۽ گڏيل ترقياتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.









