لاڙڪاڻو-22 آڪٽوبر(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنه جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن ۽ بينظير تعليمي وظيفو پروگرام بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنه ڪئي. ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ايجوڪيشن، ڊي اِي او سيڪنڊري، ڊي اِي او پرائمري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ورڪس، ٽي اِي اوز، آر ايس يو ڪوآرڊينيٽر ۽ تعليم …
ڊي سي شڪارپور جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن ۽ بينظير تعليمي وظيفو پروگرام بابت اهم اجلاس منعقد
لاڙڪاڻو-22 آڪٽوبر(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنه جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ضلعي ايجوڪيشن سروس ڊليوري ڪميشن ۽ بينظير تعليمي وظيفو پروگرام بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنه ڪئي. ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ايجوڪيشن، ڊي اِي او سيڪنڊري، ڊي اِي او پرائمري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ورڪس، ٽي اِي اوز، آر ايس يو ڪوآرڊينيٽر ۽ تعليم کاتي جي ٻين آفيسرن پڻ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور، سي ايم او کي هدايت ڪئي ته هو ڊي اِي اوز سيڪنڊري ۽ پرائمري سان گڏجي مختلف اسڪولن جا دورا ڪري غير حاضر استادن کي وارننگ جاري ڪرايو ته جيئن هو روزانو اسڪول اچي ٻارن کي پڙهائين، ٻي صورت ۾ انهن جي لسٽ ٺاهي سيڪريٽري ايجوڪيشن کي ليٽر سان گڏ موڪلي ويندي ۽ انهن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته اسڪولن جي دوري جي رپورٽ روزانو جي بنياد تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر بند پيل اسڪولن کي اولين ترجيح تي کولرايو ۽ ٻارن جي پڙهائيءَ کي يقيني بڻايو ويندو.هڪ ٻي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور چنه جي صدارت هيٺ بينظير تعليمي وظيفو پروگرام تحت شاگردن جي حاضريءَ جي تعميل ۽ مانيٽرنگ کي يقيني بڻائڻ بابت منعقد ٿي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شڪارپور ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران خاص طور تي اسڪولن جي بندش يا ٻين غير معمولي حالتن دوران شاگردن جي حاضريءَ جي نگراني ۽ حاضريءَ جي ڊيٽا کي درست نموني رڪارڊ ڪرڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پاران هدايت ڪئي وئي ته بينظير تعليمي وظيفو پروگرام تحت حاضريءَ جي مانيٽرنگ واري عمل کي وڌيڪ مؤثر ۽ شفاف بڻايو وڃي، جڏهن ته اسڪولن جي بندش يا ٻين غير معمولي حالتن جي صورت ۾ حاضري بابت ڊيٽا جي صحيح رپورٽنگ ۽ تصديق کي يقيني بڻايو وڃي.ان موقعي تي شاگردن جي باقاعده اسڪول جي حاضري، تعليمي عمل جو تسلسل، حاضريءَ جي رڪارڊ جي درستگي ۽ وظيفي جي ادائيگيءَ لاءِ مقرر ڪيل ضابطن تي عملدرآمد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو.ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ تعليم کاتي جي وچ ۾ بهتر رابطي ۽ هم آهنگي ذريعي پروگرام جي مانيٽرنگ کي مضبوط ڪيو وڃي، جيئن حقدار شاگردن کي تعليمي وظيفي جي سهولت شفاف ۽ مقرر ڪيل طريقيڪار تحت فراهم ٿي سگهي.











