ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ريئر ايڊمرل خيبر زمان فليٽ هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ منعقد ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب دوران ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي ڪمان سنڀالي ورتي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ريئر ايڊمرل خيبر زمان وار ڪاليج ڪراچي، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ نيول پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آمريڪا مان تعليم پرائي. ايڊمرل کي پنهنجي شاندار بحري ڪيريئر دوران مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي خدمتون انجام ڏيڻ …
ريئر ايڊمرل خيبر زمان ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي ڪمان سنڀالي ورتي
ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ريئر ايڊمرل خيبر زمان فليٽ هيڊڪوارٽرز ڪراچي ۾ منعقد ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب دوران ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي ڪمان سنڀالي ورتي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ريئر ايڊمرل خيبر زمان وار ڪاليج ڪراچي، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ نيول پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آمريڪا مان تعليم پرائي. ايڊمرل کي پنهنجي شاندار بحري ڪيريئر دوران مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي خدمتون انجام ڏيڻ جو وڏو تجربو آهي. سندس اهم مقررين ۾ ڪمانڊر فيلڊ اينڊ آپريشنل سي ٽريننگ، نيول سيڪريٽري ۽ دفاع واري وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري III جا عهدا شامل آهن. سندس اڻ ڳڻين خدمتن جي اعترافن ۾ ايڊمرل کي هلال امتياز (ملٽري) سان نوازجي چڪو آهي.












