پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي جمهوريه ڪوريا جي سفير طرفان ڪوريا جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اربع ڏينهن هتي جمهوريه ڪوريا جي سفير هان سنگ هوڪي طرفان ڪوريا جي قومي يوم تاسيس جي موقعي تي ڏنل آجياڻي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوريا جي سفير کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اربع ڏينهن هتي جمهوريه ڪوريا جي سفير هان سنگ هوڪي طرفان ڪوريا جي قومي يوم تاسيس جي موقعي تي ڏنل آجياڻي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڪوريا جي سفير کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن ڪوريا جي غير معمولي معاشي ترقي کي ساراهيندي چيو ته عالمي معاشي ۽ ٽيڪنالاجي جي قوت بڻجڻ جو سندس سفر استقامت، جدت، انساني سرمائي جي ترقي ۽ دور انديش پاليسي سازي جو هڪ قابل تقليد مثال آهي. هن چيو ته پاڪستان صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي، جدت، بنيادي ڍانچي، تعليم، مهارتن ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ ڪوريا جي تجربي ۽ مهارت مان فائدو کڻڻ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. انهن شعبن ۾ تعاون ۽ تجربن جي مٽاسٽا جا وسيع امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪوريا جا ٻطرفا لاڳاپا سياسي، معاشي، واپاري، سيڙپڪاري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ مسلسل هٿي وٺي رهيا آهن. پاڪستان معاشي ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ، ڪاروباري ادارن وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام لاءِ پاڪستان جي نيڪ خواهشن ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستاڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.