سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ اسٽيٽ بئنڪ وچ ۾ شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، روزگار ۽ ڪاروباري موقعا وڌائڻ لاءِ سهڪار تي غور

حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وچ ۾ شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، معاوضي وارين انٽرن شپس، روزگار، ڪاروباري سرگرمين ۽ پيشوراڻي تربيت جا موقعا وڌائڻ سان گڏ زرعي ماليات، تحقيق ۽ مالي شعور کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جي امڪانن تي غور ڪيو ويو. يونيورسٽي جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن (بي ايس سي) حيدرآباد جي …

حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وچ ۾ شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، معاوضي وارين انٽرن شپس، روزگار، ڪاروباري سرگرمين ۽ پيشوراڻي تربيت جا موقعا وڌائڻ سان گڏ زرعي ماليات، تحقيق ۽ مالي شعور کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار جي امڪانن تي غور ڪيو ويو. يونيورسٽي جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، بينڪنگ سروسز ڪارپوريشن (بي ايس سي) حيدرآباد جي چيف مئنيجر محمد اسماعيل چنڙ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عادل ظھور کوکر سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي يونيورسٽي جو رجسٽرار غلام محي الدين قريشي ۽ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ پڻ موجود هئا، وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽين ۽ مالي ادارن وچ ۾ مضبوط لاڳاپا شاگردن کي عملي تجربو ڏيارڻ، پيشيوراڻيون صلاحيتون وڌائڻ ۽ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪن جي سهڪار سان مستحق ۽ باصلاحيت شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، معاوضي وارين انٽرن شپس، گريجوئيٽ ٽريني پروگرام ۽ نوان ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مدد جا موقعا وڌائي سگهجن ٿا، هن هارين ۾ زرعي قرضن ۽ جديد بئنڪنگ سهولتن بابت آگاهي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مالي ادارن سان گڏيل قدم ٻهراڙيءَ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ نوجوانن ۾ ڪاروباري لاڙن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، بي ايس سي حيدرآباد جي چيف مئنيجر محمد اسماعيل چنڙ مالي ڄاڻ ۽ بئنڪنگ سهولتن تائين پهچ کي اهم قرار ڏيندي زرخيز اي موبائل ايپليڪيشن ذريعي هارين کي زرعي مالي سهائتا بابت آگاهي ڏيڻ جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن شاگردن ۽ هارين لاءِ مالي تعليم جا پروگرام شروع ڪرڻ ۽ پاڪستان گرين ٽيڪسانومي سميت موسمياتي خطرن جي انتظام بابت آگاهي مهمن ۾ سهڪار جي امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عادل ظھور کوکر شاگرد سفير پروگرام ذريعي نوجوانن کي مالي آگاهي وارين سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ ڪيريئر، پيشوراڻي تربيت ۽ ڪاروباري صلاحيتن جي واڌاري لاءِ گڏيل قدمن جي اهميت تي روشني وڌي. يونيورسٽي جي رجسٽرار غلام محي الدين قريشي ادارن وچ ۾ سهڪار کي شاگردن جي پيشوراڻي ترقيءَ لاءِ اهم قرار ڏنو، جڏهن ته يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ اسڪالرشپس، انٽرن شپس، ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ ڪاروباري منصوبن جي سهائتا لاءِ اثرائتي رابطي ۽ گڏيل رٿابنديءَ جي ضرورت تي زور ڏنو، ملاقات دوران ٻنهي ادارن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ، شاگرد سفير پروگرام لاءِ نامزدگيون ڪرڻ ۽ حيدرآباد ريجن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمرشل بئنڪن کي گڏيل سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ بابت تجويزون پڻ غور هيٺ آيون. ان کان علاوه زرعي تحقيق، ڪيريئر ميلن، مهمان ليڪچرن ۽ ٻهراڙيءَ جي ترقيءَ وارن منصوبن لاءِ گڏيل تجويزون تيار ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ته جيئن شاگردن، هارين ۽ مقامي برادريءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ زرعي ترقي ۽ مالي سهولتن تائين پهچ کي هٿي وٺرائي سگهجي.