قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائين دوران 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين دوران 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن گوادر (شادي ڪور) آپريشن دوران ميجر وجاهت وحيد جي قيمتي حياتي جي نقصان تي ڏک  ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر  شهيد ميجر وجاهت وحيد جي …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين دوران 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن گوادر (شادي ڪور) آپريشن دوران ميجر وجاهت وحيد جي قيمتي حياتي جي نقصان تي ڏک  ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر  شهيد ميجر وجاهت وحيد جي عظيم قرباني ۽ وطن سان پختي وفاداري تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ميجر وجاهت وحيد وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. هن شهيد ميجر وجاهت وحيد جي خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قوم ميجر وجاهت وحيد شهيد جي قرباني کي هميشه ياد رکندي. دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد آهي، وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن.هن ميجر وجاهت وحيد شهيد جي درجن جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.