سڄي ملڪ جي 97 چونڊ ضلعن ۾ 2 کان 8 نومبر تائين قومي پوليو مهم شروع ڪئي ويندي: اين اي او سي

اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جي 97 چونڊ ضلعن ۾ 2 کان 8 نومبر تائين قومي پوليو مهم منعقد ڪئي ويندي، ان دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 2 ڪروڙ 39 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پياريا ويندا. مهم دوران پوليو ورڪرز پاران گهر گهر وڃي سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا ته …

اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ جي 97 چونڊ ضلعن ۾ 2 کان 8 نومبر تائين قومي پوليو مهم منعقد ڪئي ويندي، ان دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 2 ڪروڙ 39 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦرا پياريا ويندا. مهم دوران پوليو ورڪرز پاران گهر گهر وڃي سال کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا ته جيئن ٻارن کي معذوري جو سبب بڻجڻ واري بيماري کان محفوظ رکي سگهجي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) موجب پنجاب جي 13 ضلعن ۾ 92 لک 78 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي 20 ضلعن ۾ 68 لک 83 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءٌ جا ڦرا پياريا ويندا. خيبر پختونخواهه جي 27 ضلعن ۾ 48 لک 8 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيارڻ جو هدف آهي، جڏهن ته بلوچستان جي 31 ضلعن ۾ 22 لک 17 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارايا ويندا. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 4 لک 47 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. گلگت بلتستان جي ٽن ضلعن ۾ هڪ لک 53 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءٌ جي ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي او سي جي موجب ٻارن کي پوليو کان محفوظ مستقبل فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي. پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ والدين پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن. ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جو ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي.

مزید خبریں