حڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺائڻ، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ واپسي ۽ معياري تعليم تائين برابر رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: مملڪي وزير وجيهه قمر

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بصيرت واري قيادت ۾ پاڪستان حڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ واپسي ۽ معياري تعليم تائين برابر رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي خوراڪ بابت …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بصيرت واري قيادت ۾ پاڪستان حڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليمي ادارن ۾ واپسي ۽ معياري تعليم تائين برابر رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي خوراڪ بابت عالمي اداري (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت  ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊبليو ايف پي هيڊ ڪوارٽرز روم جو چيف آف پروگرام آپريشنز احمرين ڪريم، ڊبليو ايف پي پاڪستان جي  ڪنٽري ڊائريڪٽر انيتا هرش، سينئر پروگرام پاليسي آفسر ڪويتا برهم ڀٽ ۽ ڊبليو ايف پي پاڪستان جي پارٽنرشپس آفيسر روبينه ذوالقرنين شامل هيون. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺائڻ، صنفي برابري، جامع تعليمي پاليسين، اسڪولن ۾ غذائي پروگرامن ۽ تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي داخلائن ۽ حاضري جي شرح بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون.  مملڪتي وزير چيو ته نياڻين جي تعليم رڳو هڪ تعليمي ترجيحي ناهي پر پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ روشن مستقبل جي به ضمانت آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تعليمي ايمرجنسي ويزن تحت خاص ڪري پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ نياڻين کي تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي ٻيهر تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. ملاقات دوران پاڪستان جي قومي ۽ عالي تعليمي هدفن، صوبائي سطح تي تعليمي اڳڀرائي، نياڻين جي تعليم ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ اسڪول ميلز پروگرام ۾ صنفي برابري جي اصولن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون.

مزید خبریں