اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته عورتن کي ڇاتي جي ڪينسر بابت درست ڄاڻ، وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ قومي ذميواري آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واري ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي وقت …
عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر بابت درست معلومات، وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ قومي ذميواري آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته عورتن کي ڇاتي جي ڪينسر بابت درست ڄاڻ، وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ قومي ذميواري آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واري ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر معائني جي ترغيب ڏيڻ سان گڏ اهو سوال به سامهون رکڻ گهرجي ته هو معائنو ڪٿان ڪرائين ۽ علاج جا خرچ ڪيئن برداشت ڪن، آگاهي جي ڪوششن جو حقيقي مقصد ان وقت پورو ٿيندو جڏهن طبي مدد حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪندڙ عورتن کي رسائي جوڳيون سهولتون به ميسر هونديون. هن چيو ته ڪنهن عورت جي وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج تي ڀاڙڻ ان ڳالهه تي نه هئڻ گهرجي ته هو ڪهڙي علائقي ۾ رهندي آهي يا ان وٽ ڪيترا وسيلا آهن. ڏورانهن علائقن ۽ گهٽ آمدني وارن گهراڻن جي عورتن جي ضرورتن کي طبي سهولتون جي منصوبه بندي ۾ مرڪزي اهميت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته عورتون اڪثر گهرن ۽ خاندان جي ذميوارين وچ ۾ پنهنجي صحت کي وساري ويهنديون آهن، گهر وارن جي ذميواري آهي ته هو انهن جي صحت بابت ڳڻتي کي سنجيدگيءَ سان ٻڌن ۽ ڊاڪٽرن تائين پهچائين، ضروري معائون ڪرائڻ ۽ علاج جاري رکڻ تي عملي تعاون ڪن، ڪنهن عورت کي پنهنجي تڪليف ٻڌائڻ يا طبي مدد گهرڻ ۾ جهجهڪ محسوس نه هئڻ گهرجي. هن عورتن کي اپيل ڪئي ته هو ڪنهن غير معمولي تبديلي کي نظر انداز نه ڪن ۽ مستند ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ ۾ دير نه ڪن. وقت سر سڃاڻپ ۽ مناسب علاج سان صحتيابي جا امڪان بهتر ٿي سگهن ٿا ان لاءِ خوف يا غير تصديق ٿيل معلومات جي بنياد تي طبي مشوري کان نه ڊڄڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته آگاهي مهم ۾ عورتن کي اهو به ٻڌايو وڃي ته معائني جي سهولت ڪٿي دستياب آهي ۽ وڌيڪ سڃاڻپ يا علاج جي ضرورت پوڻ تي ڪنهن مرڪز سان رابطو ڪرڻ گهرجي. ليڊي هيلٿ ورڪرز ، طبي عملو ۽ ميڊيا ان رهنمائي کي عورتن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته علاج جي هر مرحلي ۾ سندن عزت نفس، رازداري ۽ ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته صحت جي باري ۾ اٿاريل ڪو به سوال جهجهڪ سبب دٻجي نه وڃي ۽ علاج لاءِ کنيل ڪو به قدم وسيلن جي کوٽ سبب رڪجي نه وڃي.










