بلاول ڀٽو زرداري پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميجر وجاهت وحيد جي شهادت وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ ڏنل عظيم قرباني آهي. هن چيو ته بلوچستان …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميجر وجاهت وحيد جي شهادت وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ ڏنل عظيم قرباني آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. ڪارروائي دوران 4 دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظهر آهي. دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قومي عزم پختو آهي. هن ميجر وجاهت وحيد جي ڪٽنب جي ڀاتين سان تعزيت ڪندي شهيد جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں