سرڪاري حج اسڪيم جي حج بقايائن جي ٻي قسط جي ادائگي 20 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪئي وڃي: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته سرڪاري حج اسڪيم جي حج بقايائن جي ٻي قسط جي ادائگي ۾ هڪ ڏينهن باقي رهجي ويو آهي، ان لاءِ 20 آڪٽوبر تائين لازمي طور ادائگي مڪمل ڪئي وڃي. سومر تي هڪ بيان ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته بقايائن جي ادائگي لاءِ نيشنل آءِ ٽي بورڊ جو حج پورٽل …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته سرڪاري حج اسڪيم جي حج بقايائن جي ٻي قسط جي ادائگي ۾ هڪ ڏينهن باقي رهجي ويو آهي، ان لاءِ 20 آڪٽوبر تائين لازمي طور ادائگي مڪمل ڪئي وڃي. سومر تي هڪ بيان ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته بقايائن جي ادائگي لاءِ نيشنل آءِ ٽي بورڊ جو حج پورٽل يا پاڪ حج ايپ استعمال ڪئي وڃي. پورٽل تي ادائگي بئنڪ ڪارڊ، ون لنڪ يا مينوئل بئنڪ چالان ذريعي ڪري سگهجي ٿي. حج درخواست جي رد ٿيڻ کان بچڻ لاءِ بقايا وقت سر جمع ڪرائي وڃي. حج پورٽل تي موجود ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڊائون لوڊ ڪري ڊاڪٽر کان تصديق ڪرائڻ لازمي آهي. هن چيو ته تصديق ٿيل ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفڪيٽ حج پورٽ تي ئي اپلوڊ ڪرڻ لازمي آهي. حج پانڌيئڙا نئين معلومات يا هدايتن لاءِ پاڪ حج ايپ لازمي استعمال ڪن.

مزید خبریں