اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت جي لاءِ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو اجلاس 19 ۽ 20 آڪٽوبر 2026ع تي منعقد ٿي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت جي لاءِ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو اجلاس 19 ۽ 20 آڪٽوبر 2026ع تي منعقد ٿي رهيو آهي. نائب زويراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ايس سي او حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ بيلاروس، چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم، ايران جو نائب صدر ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير پنهنجي پنهنجي ملڪن جي نمائندا ڪندا. سي ايڇ جي شنگهائي تعوان تنظ:م جو ٻيو اعلى ترين فيصلاساز ادارو آهي جيڪو تنظيم جي اقتصادي، مالياتي، واپار، رابطن، ڪاروبار، سماجي ۽ اقتصادي تعاون ۽ بجيٽ سان لاڳاپيل معاملن ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. سي ايڇ جي هڪ گڏيل پڌرنامي، بيانن ۽ اهم فيصلن جي پڻ منظوري ڏيندي. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو جڏهن ته سي ايڇ جي اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.











