حڪومت شاگردن جي معياري تعليم ۽ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت شاگردن جي معياري تعليم ۽ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندي، تعليم واري وزارت ۽ گوٿ اي آءِ جي وچ ۾ تعاون سان سڄي ملڪ ۾ شاگردن، استادن ۽ نوجوان نسل کي ترقي جا نوان امڪان ميسر ٿيندا، جديد تدريسي طريقن جي ذريعي تعليمي شعبي ۾ …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت شاگردن جي معياري تعليم ۽ انهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندي، تعليم واري وزارت ۽ گوٿ اي آءِ جي وچ ۾ تعاون سان سڄي ملڪ ۾ شاگردن، استادن ۽ نوجوان نسل کي ترقي جا نوان امڪان ميسر ٿيندا، جديد تدريسي طريقن جي ذريعي تعليمي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري جا موقعا ڳوليا ويندا جڏهن ته دانش اسڪول تعليمي انقلاب آڻڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم واري وزارت گوٿ  اي آءِ جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گوٿ اي آءِ پاران پاڪستان کي شروعاتي طور تي 4 هزار تعليمي سبسڪرپشنز فراهم ڪرڻ جي اعلان کي ساراهيندي چيو ته انهن مان هڪ هزار سبسڪرپشنز دانش اسڪول ڪري، اسلام آباد جي استادن جي لاءِ مختص ڪيون وينديون. وزيراعظم گوٿ اي آءِ جي ٽيم جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو تعاون ترقي، خوشهالي ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندو ۽ مستقبل ۾ جديد ٽيڪنيڪن ۽ ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. هن دانش اسڪول ڪري جي استادن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسڪول جي دوري دوران سندس ڪجهه استادن سان ملاقات ٿي هئي جڏهن ته هو سمورن استادن سان ملاقات ڪرڻ چاهيندو. وزيراعظم اسڪول جي پرنسپل جي مقرري جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته کيس پرنسپل ان جي لاءِ چونڊيو ويو ته هو هڪ قابل ۽ شاندار شخصيت آهي ۽ دانش اسڪول ڪري ۾ تعليمي انقلاب آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ کيس پورو يقين آهي ته دانش اسڪول جا شاگرد سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول ڪري ۾  شاگردن کي نه رڳو سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن پر اهي سهولتون ان تعليمي ڍانچي کان به بهتر آهن جيڪو هن پنجاب ۾ قائم ڪيو هو. شاگردن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته الله تعالى انهن کي هڪ شاندار تعليمي اداري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ ان ۾ انهن جي والدين جي دعائن جو پڻ اهم ڪردار آهي، اسڪول ۾ خوراڪ، رهائش، بورڊنگ ۽ لاجنگ، مفت يونيفارم، اي لائبريريز ۽ ليبارٽرين سميت سموريون ضروري سهولتون موجود آهن. هن شاگردن کي يقين ڏياريو ته انهن جي تعليم ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وسيلن جي ڪا کوٽ ٿيڻ نه ڏني ويندي ۽ حڪومت انهن جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري وسيلا فرهام ڪندي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، مملڪتي وزير وجيهه قمر، سي اي او گوٿ اي آءِ ۽ پرنسپل دانش اسڪول ڪري اسلام آباد سميت شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں