ملتان - 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ملتان ۾ بوسڻ روڊ تي تيز رفتار ڪار حادثي ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو 1122 مطابق افسوسناڪ حادثو بوسڻ روڊ تي سبزه زار ميٽرو اسٽيشن ويجهو پيش آيو جنهن ۾ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ضابطي ۾ نڪري پهريون ڊيوائيڊر سان ٽڪرائي ۽ پوءِ خالي پلاٽ جي هڪ ڀت ۾ وڃي لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 …
ملتان بوسڻ روڊ تي تيز رفتار ڪار حادثو، 5 ڄڻا فوت

مزید خبریں
ملتان – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ملتان ۾ بوسڻ روڊ تي تيز رفتار ڪار حادثي ۾ 5 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو 1122 مطابق افسوسناڪ حادثو بوسڻ روڊ تي سبزه زار ميٽرو اسٽيشن ويجهو پيش آيو جنهن ۾ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ضابطي ۾ نڪري پهريون ڊيوائيڊر سان ٽڪرائي ۽ پوءِ خالي پلاٽ جي هڪ ڀت ۾ وڃي لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادٿي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيم ۽ لاڳاپيل پوليس موقعي تي پهچي 5 ئي ڄڻن جا لاش ڪار مان ڪڍيا، جڏهن ته فائر فائيٽرز گاڏي جي بونٽ ۾ لڳ باهه کي وسايو ۽ پنجن ئي فوت ٿي ويلن جا لاش نشتر اسپتال منتقل ڪيا. حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











