موبائل صارفين شڪي لنڪس تي ڪلڪ نه ڪن: اين ٽي سي

اسلام آباد - 19 آڪٽوبر(اي پي پي) نيشنل ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) موبائل صارفين کي ايس ايم ايس ذريعي خطرن (Smishing) آن لائن فراڊ يعني سمشنگ کان خبردار ڪندي مشڪوڪ لنڪس تي ڪلڪ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان موجب سائبر سيڪيورٽي آگاهي سال 2026ع جي مناسبت سان جاري ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد شهرين ۾ ڊجيٽل تحفظ بابت آگاهي اجاڳر ڪرڻ آهي. اين ٽي سي موجب سائبر ڏوهاري …

اسلام آباد – 19 آڪٽوبر(اي پي پي) نيشنل ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) موبائل صارفين کي ايس ايم ايس ذريعي خطرن (Smishing) آن لائن فراڊ يعني سمشنگ کان خبردار ڪندي مشڪوڪ لنڪس تي ڪلڪ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ترجمان موجب سائبر سيڪيورٽي آگاهي سال 2026ع جي مناسبت سان جاري ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد شهرين ۾ ڊجيٽل تحفظ بابت آگاهي اجاڳر ڪرڻ آهي. اين ٽي سي موجب سائبر ڏوهاري صارفين کي ڌوڪو ڏين لاءِ ڊليوري، انعام جون ادائيگيون يا پاس ورڊز بابت غير متوقع پيغام موڪلين ٿا ته جيئن ان جي حساس معلومات چورائي سگهجي. ان ڪري ڪنهن به لنڪ تي ٽيپ ڪرڻ کان اڳ موڪلڻ واري جي تصديق لازمي ڪئي وڃي. اداري شهرين کي محفوظ رهڻ لاءِ ٽن بنيادي اصولن کي برقرار رکڻ، تصديق ڪرڻ ۽ محفوظ رهڻ ۽ عمل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. صارفين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته غير متوقع يا پر ڪشش پيغام ملڻ تي فوري رد عمل ڏيڻ جي بدران پهرين ڄاڻايل اداري کان تصديق ڪن ته جيئن مالي نقصان ۽ شناختي چوري کان بچي سگهجي.

مزید خبریں