اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قلات ۽ پسني ۾ خوارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب گهرو وزير پسني ۾ ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر وجاهت وحيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته ميجر …
وفاقي گهرو وزير پاران قلات ۽ پسني ۾ خوارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج، ميجر وجاهت شهيد کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-19 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قلات ۽ پسني ۾ خوارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب گهرو وزير پسني ۾ ڌماڪي ۾ شهادت ماڻيندڙ ميجر وجاهت وحيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي چيو ته ميجر وجاهت وطن جي امن لاءِ حياتي قربان ڪري هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي. هن زور ڀريو ته شهيد ميجر وجاهت سميت سمورن شهيدن وطن جي تحفظ لاءِ حياتيون قربان ڪيون آهن. گهرو وزير جو چوڻ هيو ته شهيد ميجر وجاهت اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ان عظيم قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي.











