روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهيان: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس تي مختلف پابندين کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ان کي امن ڳالهين جي عمل ۾ شامل رکڻ لاءِ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو آهي ته مان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن غير دانشمنداڻي …

واشنگٽن- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس تي مختلف پابندين کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ان کي امن ڳالهين جي عمل ۾ شامل رکڻ لاءِ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو آهي ته مان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن غير دانشمنداڻي قدم ذريعي روس کي ڳالهين جي ميز کان پري نه ڪرڻ گهرجي. اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن سندس ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي وچ ۾ اختلافن ۾ به اضافو سامهون اچي رهيو آهي. ٻئي پاسي زيلنسڪي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان هم آهنگي اختيار ڪرڻ هڪ تاريخي غلطي هوندي.