زرعي شعبي ۾ جدت ۽ قدرتي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل ۾ غذائي تحفظ جي ضمانت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي گڏيل غذائي تحفظ جهڙي انتهائي اهم ۽ ڌيان طلب موضوع جي لاءِ بامعنى گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ جدت ۽ قدرتي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حقيقت ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل ۾ غذائي تحفظ جي ضمانت …

اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي گڏيل غذائي تحفظ جهڙي انتهائي اهم ۽ ڌيان طلب موضوع جي لاءِ بامعنى گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ جدت ۽ قدرتي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حقيقت ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل ۾ غذائي تحفظ جي ضمانت آهي، هر شهري کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي دستيابي جي لاءِ ڪوششون حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي گڏيل غذائي تحفظ جهڙي انتهائي اهم ۽ ڌيان طلب موضوع جي لاءِ بامعنى گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته قومي ۽ عالمي سطح تي غذائي تحفظ کي ڪترائي چئلينجز درپيش آهن، قدرتي ۽ ماحولياتي مسئلا، غيرمعمولي موسمياتي تبديلي انهن چئلينجز ۾ سرفهرست آهن، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ قدرتي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت حقيقت ۾ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل ۾ غذائي تحفظ جي ضمانت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سال هي عالمي ڏينهن “اڄ جدت اختيار ڪريو، سڀاڻي کي غذائيت سان ڀرپور بڻايو” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. اهو موضوع زرعي شعبي ۾ نئين ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي سان ليس غذائي ۽ زرعي نظام ئي موجوده قومي ۽ ايندڙ نسل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو واحد موثر حل آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، زمين جي ورڇ ٿيل زرخيزي، پيداواري لاڳت ۾ اضافي ۽ غذائي پهچ جي رڪاوٽن جهڙن مسئلن جو حل جديد سائنسي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي ئي ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان زرعي ۽ غذائي شعبن کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، جديد سائنسي تحقيق ۽ علم ۽ ٽيڪنالاجيز کي مقامي آبادگارن جي معلومات ۽ عملي تجربن سان گڏائي اسان زرعي پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته زرعي ترقي ۾ قومي غذائي تحفظ، قومي معيشت، ڳوٺاڻي روزگار ۽ چوپائي مال جي شعبي جي واڌويجهه ۽ فروغ پڻ شامل آهي، اسان جا محنتي آبادگار، چوپائي مال ۽ زرعي پيداوار سان واڳيل سمورا ماڻهو غذائي نظام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، زرعي افرادي قوت چئلينجز جي باوجود پنهنجي محنت، لڳاءُ ۽ عزم سان قوم جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت قومي زرعي ۽ غذائي تحفظ ڪائونسل قائم ڪئي آهي ته جيئن قومي سطح تي زرعي ترقي جي لاءِ ٺوس، جامع ۽ موثر عملي قدم کڻي سگهجن، وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خاص طور تي بهتر زرعي ٻج ۽ پيداواري ٽيڪنالاجي ۾ تحقيق، زرعي مشينري جي فروغ، ڊيجيٽل نظام جي لاڳو، پاڻي جي موثر استعمال، زرعي جنسن جي مالي ۽ غذائي قدر ۾ اضافي ۽ آبادگارن ۽ منڊين جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. وڌيڪ اهو ته حڪومت ننڍي آبادگارن جون مالي مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ آسان قرضن جي فراهمي تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. زرعي قرضن جي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ آسان ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ حڪومت سمورين خانگي بئنڪن کي پڻ پنهنجي قدمن ۾ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته خوراڪ جي وڌيڪ پيداوار کانسواءِ خوراڪ جو معيار ۽ غذائيت جي مقدار غذائي تحفظ جا انتهائي اهم عنصر آهن، هر شهري کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي دستيابي جي لاءِ ڪوششون حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته غذائي تحفظ ۾ زرعي پيداوار کي عالمي معيار موجب ذخيرو ڪرڻ جي انتظامن، زرعي جنسن جي پراسيسنگ جي ذريعي ان جي مالي قدر ۽ غذائيت ۽ افاديت ۾ اضافي جي لاءِ سهولتن تي پڻ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، اهي قدم وڏي ملڪي زرعي پيداوار بشمول زرعي جنسن، حلال گوشت ۽ فشريز جي عالمي منڊين تائين پهچ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جو سبب بڻجندا. محمد شهباز شريف چيو ته زرعي جنسن جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ زرعي جنسن جي درآمد تي گهربل قيمتي معاشي وسيلا به بچائي ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته هڪ مضبوط، جامع ۽ پائيدار غذائي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ قومي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪنداسين. صوبائي حڪومتن، آبادگارن، محققين، زرعي ماهرن، نجي شعبي، ترقياتي حصيدارن ۽ سول سوسائٽي کي اپيل ڪريان ٿو ته آبادگار کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ کي غذائي تحفظ ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪن.