دهشتگردي جي معاملي تي ٻٽي پاليسي اختيار نه ٿي ڪري سگهجي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي هڪجهڙو موقف اختيار ڪرڻو پوندو: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

 اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪجهڙو موقف اختيار ڪرڻو پوندو،  سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر دهشتگردي جي مسئلي تي ٻٽي پاليسي اختيار نه ٿي ڪري سگهجي، وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو معاملو گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ جي آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي پر …

 اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪجهڙو موقف اختيار ڪرڻو پوندو،  سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر دهشتگردي جي مسئلي تي ٻٽي پاليسي اختيار نه ٿي ڪري سگهجي، وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو معاملو گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ جي آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي پر ڳالهين ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو، حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي، پر مخالف ڌر جي ڳالهين واري ٽيم کي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ۽ انهن فيصلن تي قائم رهڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، ڳالهين کي ناڪام بڻائيندڙن صورتحال کي هن حد تائين پهچايو. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت بحث سهيڙيندي گهرو وزير چيو ته هو مخالف ڌر پاران لڳايل الزامن جي جواب ۾ ڪجهه اهم حقيقتون واضح ڪرڻ چاهي ٿو، حڪومت نٿي چاهيو ته حالتون ان حد تائين پهچن، پر موجوده صورتحال اوچتو پيدا نه ٿي، پر گذريل ڪيترن ئي مهينن کان  دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي ۽ سياسي اتفاق راءِ لاءِ ڪوششون جاري هيون، گهرو وزير هلندڙ سال فيبروري ۾ پشاور ۾ ٿيل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ هن ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته اجلاس جي ميزباني خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ڪئي. اجلاس گهرائڻ لاءِ به وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پيون هيون ڇاڪاڻ ته حڪومت چاهيو پئي ته دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي ۽ سموريون لاڳاپيل ڌريون هڪ متفقه موقف اختيار ڪن. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان جو مقصد اهو به هو ته سموريون ڌريون گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪنديون. گهرو وزير چيو ته ان ڏينهن سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا ۽  اجلاس دوران ئي ان جو اطلاع مليو. بار بار درخواستن کان پوءِ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير کي شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت لاءِ وٺي وڃڻو پيو، هي آخري موقعو هو جڏهن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ڪنهن فوجي آفيسر يا اهلڪار جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته مخالف ڌر جي ڪيترن ئي ميمبرن دهشتگردي خلاف واضح موقف اختيار ڪيو هو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو  هو ته هي جنگ ڪنهن سياسي پارٽي يا فرد جي نه پر پاڪستان لاءِ وڙهي ويندي. اسد قيصر دهشتگردي خلاف گڏيل موقف جي حمايت ۽ لاڳاپيل دستاويزن تي صحيح ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو، جڏهن ته هن اسد قيصر کي درخواست ڪئي هئي ته هو پنهنجي صوبائي حڪومت کي به هن موقف تي قائل ڪري ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت جي طرز عمل ۽ ان جي بيان ۾ فرق هو. گهرو وزير چيو ته ڳالهين ۾ شامل  ميمبرن دهشتگردي خلاف ڪاررواين جا حامي هئا ۽ انهن کي هن معاملي تي ڳالهه ٻولهه جو مڪمل اختيار ڏنو ويو هو. ضرورت پوڻ تي ان سلسلي ۾ ثبوت پڻ پيش ڪري سگهجن ٿا. محسن نقوي صوبائي حڪومت جي اطلاعات بابت صلاحڪار جي انٽرويو جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ ٽي وي پروگرام ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي مذمت لاءِ کيس ٽي ڀيرا چيو ويو ته هن مذمت نه ڪئي، معاملو صرف بيانن تائين محدود نه هو پر دهشتگردي خلاف عملي قدمن ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جو به سوال هو. هن چيو ته حڪومت صوبائي انتظاميا کي مسلسل اهو چوندي رهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صوبائي حڪومت پاڻ اڳواڻي ڪري ڇاڪاڻ ته هي ان جي ذميواري آهي، جڏهن ته فوج، فرنٽيئر ڪور ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي مدد فراهم ڪرڻي هئي، پر صوبائي حڪومت جي قيادت ۽ ذميواري  وٺڻ لاءِ تيار نه هئي. هن ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان سندس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ گڏيل مشاورت سان پنجن ضلعن ۾ پوليس کي مضبوط ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو، منصوبي تحت  6 مهينن دوران سول آرمڊ فورسز کي پوئتي هٽائي پوليس کي اڳتي آڻڻ هو ان  تي عملدرآمد ۾ آيل رڪاوٽون هڪ ڌاربحث آهن. هڪ طرف سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي رهيا هئا ۽ ٻئي طرف، وڏي وزير طرفان انهن ئي اهلڪارن خلاف تقريرون ڪيون پئي ويون . گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف قدمن لاءِ ڪوششون صرف هاڻوڪن ڏينهن ۾ شروع نه ٿيون هيون پر آگسٽ ۽ سيپٽمبر کان اڳ به مختلف سطحن تي رابطا جاري هئا. وزيراعظم جي دوري کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو، بعد ۾ صدر، وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو پاران ڳالهين تي زور ڏيڻ کان پوءِ ڳالهين جو عمل اڳتي وڌايو ويو. ڳالهين دوران آخري وقت تائين ڪوششون جاري رهيون ۽ لاڳاپيل ڌر کي فون ڪري به معاملو حل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. ڳالهين کي ناڪام بڻائيندڙن صورتحال کي هن حد تائين پهچايو ان جي ذميواري اسان تي نه ٿي وجهي سگهجي. وفاقي گهرو وزير چيو ته اهو چوڻ صحيح ناهي ته حڪومت دهشتگردي کي بهاني طور استعمال ڪيو، صوبائي حڪومت جي طرز عمل ۽ تعاون نه ڪرڻ سبب موجوده صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. محسن نقوي ڳالهين جا تفصيل بيان ڪندي چيو ته حڪومتي وفد ڳالهيون ڇڏي نه ويو، پر مخالف ڌر جو وفد مسلسل هڪ ڌار ڪمري ۾ وڃي مشاورت ڪندو رهيو ۽ حڪومتي ميمبر ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا. حڪومت مخالف ڌر کي فيصلي لاءِ نه ته ڪو سخت وقت مقرر ڪيو ۽ نه ئي ڳالهيون ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. ڳالهين دوران مخالف ڌر جا ڪيترائي مطالبا تسليم ڪيا ويا هئا ۽ ان حوالي سان دستاويز پڻ موجود آهي. اختلاف صرف آخري سٽ تي هو جنهن تي اتفاق نه ٿي سگهيو. اسان جي لاءِ  اچڻ ۽ رابطو ڪرڻ ڪو مسئلو نه هو. خيبر پختونخواه جي مالي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي وٺي وزيراعظم وٽ ويو هو، آخري منٽ تائين ڪوشش ڪئي ته هنگامي حالت لاڳو نه ٿئي. خيبر پختونخواه جو وڏو وزير بار بار چوندو رهيو ته هو دهشتگردي خلاف جنگ جي اڳواڻي جي پوزيشن ۾ ناهي ان لاءِ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي ته خيبر پختونخواه جي 12 ضلعن ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ٿي وڃي. ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جا آثار آخري 24 ڪلاڪن ظاهر ٿيا، پر آخري لمحي تائين ڪوشش جاري رهي ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي نوبت نه اچي، ان لاءِ صوبائي حڪومت کي تجويز ڏني هئي ته هو ان 12 ضلعن ۾ پاڻ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري جنهن تي ظاهري طور اتفاق به ٿيو هو. گهرو وزير واضح ڪيو ته دهشتگردي جي معاملي تي وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي موقف ۾ ٽڪراءُ نه هجڻ گهرجي. هڪ طرف وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف آپريشن جي حمايت ڪري ۽ ٻئي طرف صوبائي سطح تي مختلف موقف اختيار ڪيو وڃي ته اهو عمل جوڳو نه هو. مخالف ڌر کي گهرجي ته هو پنهنجي صوبائي قيادت سان ويهي مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. محسن نقوي چيو ته حڪومت اهو موقف اختيار نه ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف دهشتگردي ۾ ملوث آهي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي کي دهشتگردي سان جوڙيو وڃي. حڪومت جو اعتراض اهو رهيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ گهربل تعاون فراهم نه ڪري رهي آهي ۽ مقامي سطح تي ڪجهه ڌرين جا دهشتگردن سان رابطا ۽ تعاون جا معاملا سامهون ايندا رهيا. جيڪڏهن مقامي سطح تي ڪنهن کي دهشتگردن کان مدد يا رابطن جون شاهديون موجود آهن ته انهن معاملن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. گهرو وزير چيو ته سياسي موقف ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا ۽ مخالف ڌر هن فيصلي جي مخالفت به ڪري سگهي ٿي پر حقيقتن کي حقيقتن طور سامهون اچڻ گهرجي. وفاق جي ذميواري آهي ته هو دهشتگردي جي روڪٿام ڪري ۽ حڪومت اها ذميواري پوري ڪندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته حڪومت مخالف ڌر سان مختلف معاملن تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن به صحت جي مسئلي تي هڪ سال تائين بحث ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کان بريفنگ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو ته جيئن لاڳاپيل ماڻهن کي مطمئن ڪري سگهجي. جڏهن به صحت ۾ معمولي خرابي جي رپورٽ آئي ته ان ئي رات اسپتال ۾ طبي معائني جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته صحت جي معاملي جي نوعيت سبب اهي قدم هميشه سامهون نه آيا. هن پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جي علاج جي معاملي جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ سندس ڪٽنب سان صلاح ڪئي وئي ۽ انهن جي تجويزن تي اتفاق ڪيو ويو. جڏهن سمورا معاملا طئي ٿي ويا ته وڌيڪ ماڻهن کي اسپتال وٺي وڃڻ جو شرط سامهون آيو. حڪومت انهن ماڻهن کي به آڻڻ راضپو ظاهر ڪيو پر بعد ۾ موقف تبديل ڪندي چيو ويو ته هاڻ هو پاڻ ايندا. هن چيو ته ملاقاتن جو سلسلو ڪجهه هفتا اڳ کان جاري هو ۽ مستقبل ۾ به جاري رهي سگهي ٿو، ان حوالي سان حڪومت کي ڪو به اعتراض ناهي. اصل مسئلو ڳالهين لاءِ اختيار ۽ مينڊيٽ جو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جا عهديدار جيڪڏهن بااختيار ٿي اچن ۽  پنهنجي قيادت کان واضح مينڊيٽ وٺي ڳالهيون ڪن ۽ طئي ٿيل فيصلن تي قائم رهن ته ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون. ڳالهين کان پوءِ ٻيهر جيل وڃي ڳالهين جو شرط لاڳو ڪرڻ بدران ضروري آهي ته ڳالهين واري ٽيم کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار حاصل هجي ۽ اهو ان فيصلن تي قائم رهي سگهي. محسن نقوي چيو ته حڪومت سياسي ڳالهين لاءِ پهرين به تيار هئي ۽ هاڻي به تيار آهي. وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون شروع ڪرڻ زور ڀري چڪو آهي، جڏهن ته مخالف ڌر سان طئي ٿيل دستاويز ۾ به سياسي ڳالهين جي شروعات کي به اولين ترجيح ڏني وئي آهي. ڳالهين جي دستاويز جو پهريون نقطو وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن جي ملاقات هو ته جيئن سياسي ڳالهين جي شروعات ڪري سگهجي جڏهن ته ٻيو نقطو سڀني معاملن تي ڳالهين لاءِ هڪ سياسي ڪميٽي جوڙڻ هو. دستاويز ۾ لاڳاپيل ماڻهن جي قانوني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ علاج، ملاقاتون ۽ ٻين قانوني سهولتن کانسواءِ بزرگ ۽ بيمار قيدين جي سزائن خلاف درخواستون داخل ڪرڻ جا معاملا شامل هئا.  گهرو وزير ٻڌايو ته خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد پڻ ڳالهين جي نقطي ۾ شامل هو. هي نيشنل ايڪشن پلان II هو، جي منظوري گذريل حڪومت جي دور ۾ سڀني سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ڏني وئي هئي. سمورين پارٽين هن منصوبي تي اتفاق ڪيو هو، ان لاءِ حڪومت کان ٻاهر هئڻ سبب ان کان لاتعلق نه هئڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير چيو ته موجوده حالتن تي هو خوش ناهي،هي انتهائي مجبوري ۾ کنيل قدم آهي. دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جا جنازن کڻڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، مان پاڻ  ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ موجود هجڻ باوجود، پشاور ۾ شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويندو هئس، جڏهن ته صوبائي حڪومت جو ڪو به نمائندو اتي موجود نه هوندو هو. هن چيو ته مخالف ڌر جو موقف سڀني سامهون هو پر صوبائي حڪومت جو نقطه نظر مختلف هو ۽ ڪجهه ڌرين جي ڪردار سبب معاملا هن هنڌ تائين پهتا آهن.

مزید خبریں