اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي حوالي سان چيو آهي ته آئين ۾ ان جو طريقيڪار واضح طور تي ڏنل آهي ۽ حڪومت ان تي عمل ڪيو آهي، حڪومت سياسي پارٽين سان رابطي جي ڪوشس ڪئي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت جو تعاون به طلب ڪيو. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي …
خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لڳائڻ ۾ آئيني طريقيڪار تي عمل ڪيو ويو آهي: نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي حوالي سان چيو آهي ته آئين ۾ ان جو طريقيڪار واضح طور تي ڏنل آهي ۽ حڪومت ان تي عمل ڪيو آهي، حڪومت سياسي پارٽين سان رابطي جي ڪوشس ڪئي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت جو تعاون به طلب ڪيو. خميس ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 232 مخصوص حالتن ۾ صدر کي ايمرجنسي لڳائڻ جو اختيار ڏي ٿو. آرٽيڪل 232 جي شق (1) جي ٻئي پروويزن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن صدر پنهنجي صوابديد تي ايمرجنسي جو اعلان ڪري ته ان جي منظوري جي لاءِ 10 ڏينهن جي اندر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته آئين ۾ ڏنل گهربل طريقيڪار تي عمل ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار آرٽيڪل 234 جي وضاحت ڪندي چيو ته ان تحت جاري ڪيل اعلان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو ٻن مهينن تائين لاڳو رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ان اعلان جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن، ٻن مهينن جي توسيع ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ان جو مجموعي لاڳو 6 مهينن کان وڌيڪ نه ٿو ٿي سگهي. آرٽيڪل 148 ۽ 149 جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته آئين تحت وفاق جي ذميواري آهي ته اها ٻاهرئين جارحيت ۽ اندروني خلفشار جي خلاف صوبن جو تحفظ ڪري. آئين وفاقي حڪومت کي اهو اختيار به ڏي ٿو ته اها امن امان، عوامي نظم ۽ ضبط يا ملڪ جي معيشت کي سنگين خطري کان بچائڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري. هن قانونسازن تي زور ڀريو ته اهي سياسي مقصدن جي لاءِ آئيني شقن جي غلط تشريح کان پاسو ڪن. اسحاق ڊار چيو ته حڪومت سياسي پارٽين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت جو تعاون به طلب ڪيو. هن ٻڌايو ته ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻن جي ملاقات، سمورين سياسي پارٽين تي ٻڌل سياسي ڪميٽي جي قيام ۽ قيدين جي قانوني حقن ۽ طبي سهولتن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن سميت مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون هيون. هن چيو ته وفاقي ڪابينا صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو هو ۽ ڪا به ايمرجنسي لڳائڻ نه پئي چاهي جڏهن ته مفاهمت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ حڪومت انهن قدمن کي ضروري سمجهيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار مولانا فضل الرحمان پاران ڳالهه ٻولهه جي بحالي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي قابل ورڇ اوڳاڙين مان اضافي هڪ سيڪڙو حصو ڏنو ويو جنهن جي ماليت ان جي ڪاٿي موجب مالي سال 11 – 2010ع کان هيستائين اٽڪل 800 ارب رپيا بڻجي ٿي. هن سوال اٿاريو ته ڇا صوبائي حڪومت انهن وسيلن جي ذريعي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ فرانزڪ جاچ جون مناسب صلاحيتون پيدا ڪيون آهن يا نه. نائب وزيراعظم سياسي پارٽين تي زور ڀريو ته اهي دهشتگردي جي خلاف متحد ٿي ڪم ڪن. هن چيو ته سياسي مفاهمت طرف اڳڀرائي کان اڳ سيڪيورٽي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ضروري آهي.











