بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير ايڪنيتي نيٿيتان پراپاس سان خميس ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ، ثقافتي رابطن جي استحڪام ۽ سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ٿيل ملاقات …
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم سان ملاقات، واپار ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير ايڪنيتي نيٿيتان پراپاس سان خميس ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ، ثقافتي رابطن جي استحڪام ۽ سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي بئنڪ گروپ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ وچ ۾ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن ۽ دورن جي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم جي سطح تي رابطا پڻ شامل آهن.










