اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري پاڪستان جي عالمي رابطن جي فروغ، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اهميت رکي ٿي جڏهن ته پارليامينٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ويجهو رابطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن …
پارلياماني سفارتڪاري پاڪستان جي عالمي رابطن جي فروغ، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اهميت رکي ٿي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري پاڪستان جي عالمي رابطن جي فروغ، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اهميت رکي ٿي جڏهن ته پارليامينٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ويجهو رابطو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عاصم افتخار احمد کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس سفارتي تجربو ۽ پيشيواراڻي مهارت پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي مقصدن جي فروغ ۽ قومي مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردا ادا ڪندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلسل سفارتي رابطن، تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون دنيا جي مختلف ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري سياسي افهام تفهيم جي فروغ، اداراجاتي رابطن جي قيام ۽ عالمي تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني تنزانيه ۾ بين الپارلياماني يونين جي 153هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ تازي ٻطرفي دورن جو حوالو ڏيندي چيو ته پارلياماني رابطا مختلف ملڪن جي وچ ۾ خيالن جي مٽاسٽا، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون جي فروغ جا موثر موقعا فراهم ڪن ٿا. هن بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان مختلف ملڪن جي پارلياماني قيادت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ سينيٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ موثر رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ويو ته جيئن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ، عالمي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پاڪستان جو موقف موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار احمد شاندار استقبال تي سينيٽ چيئرمين جا ٿورا ادا ڪيا ۽ عالمي سطح تي پارلياماني سفارتڪاري ۽ عالمي هم منصبن سان مسلسل رابطن جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سندس خدمتن کي ساراهيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر گيلاني، سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر ۽ سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي سفير مصباح کر پڻ موجود هئي.










