بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مهانگن ۽ مختصر مدي جي قرضن جي جاءِ تي ڊگهي مدي جي مالي مدد حاصل ڪرڻ، پاڪستان جي روانگي واپار کي عالمي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي آءِ ٽي ايف سي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سان ملاقات، مالي مدد جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
بئنڪاڪ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مهانگن ۽ مختصر مدي جي قرضن جي جاءِ تي ڊگهي مدي جي مالي مدد حاصل ڪرڻ، پاڪستان جي روانگي واپار کي عالمي مارڪيٽن ۾ وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ ۽ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن بئنڪاڪ ۾ عالمي بئنڪ گروپ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي انٽرنيشنل اسلامڪ ٽريڊ فنانس ڪارپوريشن (آءِ ٽي ايف سي) جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر انجنيئر اديب وائي العما سان ملاقات، ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان لاءِ مالي مدد، قرضن جي لاڳت ۾ گهٽتائي، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سهولتن کي بهتر بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي اڳڀرائي، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ عالمي سيڙپ مارڪيٽن تائين ٻيهر پهچ کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان لاءِ مالي مدد جي باقي قسط جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ بهتري جي روشني ۾ قرض تي لاڳو لاڳت گهٽ ڪرڻ جي امڪانن تي به پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ادارن جون فني ٽيمون مالي مدد جي شرطن ۽ ڳاڻيٽي ۾ امڪاني تبديلين جو جائزو وٺنديون ته جيئن گڏيل طور تي قبولڻ جوڳو حل ڳولي سگهجي ۽ پاڪستان لاءِ مالي مدد کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي.











