راولپنڊي- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ٽه مُلڪي سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. پي سي بي عملدارن مهمان ٽيم جو استقبال ڪيو. انگلش ٽيم ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪندي. ٽه مُلڪي سيريز جو افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 18 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون 20 آڪٽوبر …
انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ ڏينهن واري ٽه مُلڪي سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي
راولپنڊي- 16 آڪٽوبر (اي پي پي) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ون ڊي ٽه مُلڪي سيريز ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي. پي سي بي عملدارن مهمان ٽيم جو استقبال ڪيو. انگلش ٽيم ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪندي. ٽه مُلڪي سيريز جو افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 18 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون 20 آڪٽوبر تي هڪ ٻئي سان آمهون سامهون ٿينديون. 18 کان 31 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ ٽه مُلڪي سيريز جا ميچز راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 31 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.











