اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري غذائي تحفظ جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتن، محققين، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن کي جدت جي فروغ، خوراڪ جي پهچ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل تعاون ۽ تڪرارن …
صدر پاران غذائي تحفظ جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري غذائي تحفظ جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتن، محققين، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن کي جدت جي فروغ، خوراڪ جي پهچ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل تعاون ۽ تڪرارن جو پُرامن حل هڪ اهڙو سازگار ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي جتي جدت فروغ ماڻي سگهي ۽ ان جا ثمر هر جڳهه تي ماڻهن تائين پهچي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 16 آڪٽوبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر ان ڏينهن جي موقعي تي عوام جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائن، محفوظ، غذائيت سان ڀرپور ۽ سستي خوراڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هن سال جو موضوع “اڄ جدت آڻيو، سڀاڻي پرورش ڪريو” زرعي غذائي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ موجوده ۽ ايندڙ نسل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ علم جي حصيدار جي ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. صدر چيو ته زراعت پاڪستان جي معيشت، غذائي تحفظ ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جي روزگار جو بنيادي ٿنڀ آهي، هڪ آبادگار هجڻ جي ناطي هو ذاتي ۽ خانداني تجربي جي بنياد تي ان شعبي جي اهميت ۽ ان سان واڳيل ماڻهن کي درپيش چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چيو ته آبادگار ۽ خوراڪ پيدا ڪندڙ ماڻهو محنت جي ذريعي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا جڏهن ته انهن کي موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، زمين جي زخيزي ۾ گهٽتائي ۽ پيداواري لاڳت ۾ اضافي جهڙا وڌندڙ چئلينجز درپيش آهن. خوراڪ جي پهچ جي نظام ۾ رڪاوٽ ۽ علائقائي ۽ عالمي غيريقيني حالتون به ان دٻاءُ ۾ اضافو ڪري رهيون آهن. زرعي پيداوار ۽ آبادگار برادري جي روزگار جي تحفظ جي لاءِ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته اسان کي سائنسي تحقيق، ٽيڪنيڪي جدت ۽ بهتر زرعي طريقن جي ذريعي زراعت ۽ غذائي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ موسمياتي تبديلين سان هڪ جهڙائي رکندڙ زراعت کي فروغ ڏيڻ، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ، بهتر ٻجن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، مشينري ۽ ڊيجيٽل سهولتن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فصلن جي واڍيءَ کانپوءِ ٿيندڙ قنصان گهٽ ڪرڻ، زرعي جنسن جي قدر ۾ اضافي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبادگارن جي منڊين تائين پهچ بهتر بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. ننڍي آبادگارن، عورتن ۽ نوجوانن جو ان عمل ۾ فعال ڪردار هجڻ گهرجي. هن چيو ته غذائي تحفظ جو مطلب رڳو خوراڪ جي وڌيڪ پيداوار نه آهي پر هر شهري کي محفوظ، غذائيت سان ڀرپور ۽ سستيءَ خوراڪ جي دستيابي يقيني بڻائڻ پڻ آهي. هن چيو ته خوراڪ مهانگي هجڻ سان خاندانن جي لاءِ پنهنجي غذائي ضرورت پوري ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، ان لاءِ خوراڪ جي معيار ۽ تحفظ کي بهتر بڻائڻ، غذائيت کي فروغ ڏيڻ، خوراڪ جي زيان ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ قدرتي وسيلن جو موثر استعمال اهم ترجيحون هجڻ گهرجن، غذائي کوٽ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آبادگارن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته جدت کي آبادگارن کي درپيش عملي مسئلن جي حل ۾ مددگار هجڻ گهرجي. جديد سائنس، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ بهتر زرعي طريقن کي آبادگار برادري جي تجربن ۽ علم سان گڏ ڪري پيداوار ۾ بهتري، موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ ۾ مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته جدت جي باوجود علائقائي ۽ عالمي تڪرار خوراڪ جي پهچ جي نظام کي متاثر ۽ غذائي تحفظ کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا، رڳو جدت جي ذريعي غذائي نظام کي تڪرارن جي اثرن کان محفوظ نه ٿو رکي سگهجي، جدت جا ثمر آبادگارن جي بهتر روزگار، غذائيت سان ڀرپور خوراڪ تائين آسان پهچ ۽ ملڪ جي لاءِ وڌيڪ محفوظ غذائي پهچ جي نظام جي صورت ۾ سامهون اچڻ گهرجن. صدر چيو ته جدت ۽ تخليقي صلاحيتون امن، تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ماحول ۾ وڌن ٿيون، تنهن ڪري زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي جدوجهد کي تڪرارن جي پرامن حل ۽ امن جي فروغ جي ڪوششن سان گڏجي هلڻو پوندو. هن چيو ته غذائي تحفظ جي لاءِ قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ضروري آهن. حڪومتن، محققين، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن کي جدت جي فروغ، خوراڪ جي پهچ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ غذائي تحفظ کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ تڪرارن جي پُرامن حل اهڙي سازگار ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهن جتي جدت وڌي سگهي ۽ ان جا فائدا هر جڳهه تي ماڻهن تائين پهچي سگهن. خوراڪ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر آبادگارن جي مدد، غذائيت ۾ بهتري ۽ زرعي وسيلن جي بهتر استعمال جي لاءِ مسلسل ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته غذائي تحفظ طرف اڳڀرائي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته جدت کي اسان جي عوام جون ضرورتون پوريون ڪندڙ عملي حل ۾ ڪيتري حد تائين تبديل ڪيو وڃي ٿو.











