اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي صوبائي حڪومت تي خودڪش حملو ڪيو، آهي، اهي قدم دل تي پٿر رکي کنيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت دهشتگردي خلاف ڪي به قدم نه کڻي رهي هئي، هاڻي به وزيراعظم کي درخواست ڪيان ٿو ته ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ …
پي ٽي آءِ ثابت ڪري ته صوبي جون حالتون بهتر ڪيون وينديون ته وزيراعظم کي مان پاڻ چوندس ته ايمرجنسي ختم ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته پي ٽي آءِ پاڻ پنهنجي صوبائي حڪومت تي خودڪش حملو ڪيو، آهي، اهي قدم دل تي پٿر رکي کنيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت دهشتگردي خلاف ڪي به قدم نه کڻي رهي هئي، هاڻي به وزيراعظم کي درخواست ڪيان ٿو ته ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ پنهنجي طرز عمل سان ثابت ڪري ته اها صوبي جون حالتون بهتر بڻائيندي ته وزيراعظم کي مان پاڻ چوندس ته اتي ايمرجنسي ختم ڪئي وڃي. دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ ۾ اسان پوئتي نه هٽنداسين، هي اسان جو ئي نه پر مخالف ڌر جو به ملڪ آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيبر پختونخوا صوبي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي حوالي سان ٺهراءَ جي حق ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آئين ۾ ان قدم جي اجازت آهي، پر مان ان معاملي تي ڏکويل دل سان ڳالهائي رهيو آهيان، هن آئين جو آرٽيڪل 232 پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته آئين صدر مملڪت کي انهن حالتن ۾ انهن قدمن جي اجازت ڏئي ٿو حڪومت انهن قدمن کڻڻ کان اڳ هر ڪوشش ڪئي ته اهڙا قدم نه کڻي، مخالف ڌر جي ذميواراڻي قيادت ڄاڻي ٿي ته خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت پاڻ هڪ سياسي آپگهات ڪيو آهي،اهي هاڻي وفاقي حڪومت ۽ صدر تي الزام لڳائي سگهن ٿا پر کين معلوم آهي ته انهن حالتن جو اصل ذميوار ڪير آهي، صدر پاڪستان جيڪڏهن ان سمري تي دستخط نه ڪري ها ته کين ان جو سبب به ٻڌائڻ گهرجي ها ته اسان اهي قدم ڇو نه کڻون. هن چيو ته جڏهن اها ڳالهه اسان جي سامهون آئي ته اسان فيصلو ڪيو ته ايمرجنسي لڳائڻ کان اڳ پي ٽي آءِ کي پورو موقعو ڏيڻ گهرجي، اسان اهي قدم کڻڻ نه پيا چاهيون، رات دير تائين پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ اهي خبرون هيون ته ڳالهيون ڪامياب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي سطح تي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڳالهن تي مخالف ڌر راضي ٿي چڪي هئي. هن چيو ته هر سياسي پارٽي لاءِ سياسي گنجائش محدود هوندي آهي ان جا ذميوار اسان سڀ آهيون پر هي به ان کان انڪار نٿا ڪري سگهن اسان ڏکيا آئيني فيصلا ان لاءِ ڪيا ڇاڪاڻ ته افغانستان سان جنگ جي صورتحال آهي ۽ ڪي پي ڪي جو وزيراعليٰ عام جلسن ۾ بيهي ماڻهن کان حلف ورتو ته دهشتگردي جو مقابلو نه ڪنداسين، اها سياسي خودڪشي هئي، سياسي مفاهمت لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي ، ان جا 100 سيڪڙو نتيجا نه به نڪرن تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه بهتري ضرور ايندي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري 1973ع جو آئين بحال ڪيو ۽ 18هين ترميم منظور ڪرائي. هن چيو ته ان لاءِ پنهنجي طرز عمل کان پوءِ ئي اهو آئيني قدم کنيو ويو آهي. هن تجويز ڏني ته هاڻي به وفاقي حڪومت ڪو وچون رستو اختيار ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري. هن چيو ته هميشه لاءِ ايمرجنسي جاري نٿي رکي سگهجي جيڪڏهن واقعي اسان خيبر کان خضدار تائين دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوري ملڪ جي عوام کي گڏجي ڪرڻو پوندو، اها رڳو پوليس ۽ فوج جي ذميواري ناهي، ماضي ۾ به اسان دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته مخالف ڌر کي ذميواراڻو طرز عمل اختيار ڪندي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڀارت کان پنهنجي شڪست ناهي وسري، هاڻي به مودي چوي ٿو ته آپريشن سندور جاري آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ جيڪي حالتون بڻجي رهيون آهن انهن ۾ ڀارت جو ڪردار آهي. پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ذميواري کني جنهن تي يهودي طاقتون به پاڪستان ۾ رتوڇاڻ جون سازشون ڪرڻ لڳيون. هن چيو ته دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ ۾ اسان پوئتي نه هٽنداسين، هي رڳو اسان نه پر مخالف ڌر جو به ملڪ آهي. اسان سڀني کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي دعوت ڏيان ٿو ته ڳالهين جو عمل شروع ڪري ۽ ڪي پي ڪي جي حالتن مان ثابت ڪري ته مان پاڻ وزيراعظم کي گذارش ڪندس ته هاڻي اتي ايمرجنسي جي ضرورت ناهي رهي.











