بدين - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ بدين جي شاگردن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڪاليج جو دورو ڪيو، جتي هن شاگردن ۾ رُڪيل مارڪ شيٽون ورهايون ۽ ٽيڪنيڪل تعليم سان گڏ عملي مهارتون سکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو شاگردن کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪنيڪل ڪاليج …
صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو پاران گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ بدين جي شاگردن جي شڪايتن جو نوٽيس، ڪاليج جو دورو ڪيو، شاگردن ۾ رُڪيل مارڪ شيٽون ورهايون

مزید خبریں
بدين – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ بدين جي شاگردن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڪاليج جو دورو ڪيو، جتي هن شاگردن ۾ رُڪيل مارڪ شيٽون ورهايون ۽ ٽيڪنيڪل تعليم سان گڏ عملي مهارتون سکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو شاگردن کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ به لاڳاپيل فني ڪم ۽ عملي مهارتون سکڻ جو سلسلو جاري رکن، ڇاڪاڻ ته ٽيڪنيڪل شعبن ۾ ملڪ اندر توڙي پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار ۽ اڳتي وڌڻ جا مختلف موقعا موجود آهن. هن چيو ته صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي، پر ان سان لاڳاپيل عملي ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي، جيئن شاگرد پنهنجي مستقبل ۾ بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. ڪاليج جي حاضري بابت جائزي دوران معلوم ٿيو ته اداري ۾ لڳ ڀڳ 300 شاگرد داخل آهن، جڏهن ته دوري دوران صرف 8 شاگرد حاضر هئا. شاگردن جي گهٽ حاضري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج جي پرنسپل انجنيئر سيف الدين عباسي کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي حاضري بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن پرنسپل کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر ٽن مهينن کانپوءِ شاگردن ۽ سندن والدين جي گڏجاڻي (اسٽوڊنٽس پيرينٽس ميٽنگ) منعقد ڪئي وڃي، جنهن ۾ شاگردن جي حاضري، تعليمي ڪارڪردگي ۽ فني تربيت بابت والدين کي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته والدين کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن ٻارن کي باقاعدگي سان ڪاليج موڪلين، جيئن اهي ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ لاڳاپيل عملي مهارتون به سکي سگهن. ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٽيڪنيڪل تعليم نوجوانن کي باصلاحيت ۽ خودمختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، تنهنڪري شاگردن، والدين ۽ ڪاليج انتظاميا کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن فني تعليم جو مقصد حقيقي معنيٰ ۾ حاصل ٿي سگهي.











